ٿڌاڻي اين وي

ٿڌاڻي، اين. وي: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ. اين. وي ٿڌاڻي دهليءَ ۾ هندو ڪاليج جو پرنسپال ٿي گذريو آهي. هن 1923ع ۾ ڀڳوت گيتا جو سنڌي ٻوليءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو هو، جيڪو سنڌيءَ ۾ بنا نقطن واري لکت جو بهترين نمونو هو. ڀڳوت گيتا جو ٿڌاڻيءَ کان اڳ به ترجمو ٿي چڪو هو، پر ٿڌاڻيءَ جو ترجمو ٻين سڀني ترجمن کان مختلف ۽ لاجواب مڃيو وڃي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو